پاڪستان

فردوس عاشق اعواڻ غلط پاسپورٽ ذريعي پرڏيهه وڃڻ ۾ ناڪام، ايئرپورٽ تان واپس

اڳوڻي وفاقي وزير فردوس عاشق اعواڻ کي غلط پاسپورٽ کڻي پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش ڳچي ۾ پئجي وئي، اميگريشن عملدارن کيس ايئرپورٽ تي آف لوڊ ڪري گهر موڪلي ڇڏيو. مليل ڄاڻ موجب اميگريشن اختيارين اطلاعات واري وزارت جي اڳوڻي وزير فردوس عاشق اعواڻ کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، جنهن کي اسلام آباد ايئرپورٽ تي آف لوڊ ڪيو ويو، جنهن جي اختيارين به تصديق ڪئي آهي. فردوس عاشق اعواڻ خانگي ڪمپني جي اڏام اي ڪي 615 ذريعي نيري پاسپورٽ ذريعي دبئي وڃي رهي هئي. ايف آءِ اي عملدارن موجب فردوس عاشق اعواڻ وٽ نيرو پاسپورٽ هو پر ڪو به عهدو يا سرڪاري حيثيت ختم ٿيڻ بعد هو نيرو پاسپورٽ استعمال نه ٿي ڪري سگهي، قانون موجب نيرو پاسپورٽ واپس ڪرڻو پوندو آهي پر فردوس عاشق بليو پاسپورٽ واپس نه ڪيو. ايف آ اي اختيارين موجب فردوس عاشق اعواڻ کي چيو ويو ته هوءَ نيري پاسپورٽ تي سفر نٿي ڪري سگهي، کانئس پاسپورٽ وٺي ضبط ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button