پاڪستانسنڌ

مقصودورند ۽ ڀرپاسي ڪيترائي گهر ڊهي پٽ، متاثر پريشان

مقصودو رند ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ برساتن بعد رهواسي عذاب ۾ اچي ويا. شهر ۾ وشنو جنڊاوڙو جو گھر ڪري پيو، ڀت ھيٺان چار ٻڪريون اچي دٻجي مري ويون. مختلف چوڪن، رستن ۽ گھرن جي گھٽين اڳيان برسات جو گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي، جيڪو اڃا تائين نيڪال ناھي ٿي سگھيو، جنھن سبب ڪيترن ئي بيمارين ڪر کنيو آھي ۽ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي. مختلف ڳوٺن مراد علي رند ۾ پورھيت محراب علي رند، دلاور فقير رند، عنايت علي رند، ڳوٺ ٻاجھي رند ۾ پورھيت محمد آڍل رند، بھرام خان رند ۽ ڳوٺ محرم خاصخيلي ۾ پيار علي خاصخيلي، لعل محمد خاصخيلي جا گھر ڪري پيا، جنهن سبب متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. متاثرن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پورهيت آهيون، اسان جي ڪنهن به چونڊيل نمائندي يا ڪاموري مدد ناهي ڪئي. ٻئي پاسي مختلف ڳوٺن ولي محمد رند، زوار لعل بخش رند، يارو رند، بخش علي رند، مينھون خان رند، منڌو رند، سھجو رند، خيرو رند، ولي محمد رند، ڌگاڻو رند، خير محمد ڏاھري، ڪرم الله ڏاھري، ڪامريڊ رئيس بروھي، دائم خان حاجاڻو، راحب خاصخيلي، محرم خاصخيلي خان رند، مٺو رند، حاجي رند ۽ خميسو خان سومرو ۾ ڪيتريون ئي ڀتيون ڪري پيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button