پاڪستانسنڌ

شهدادپور اسپتال ۾ عورت فوت، وارثن جو ڊاڪٽرن تي الزام

شھدادپور: شھدادپور جي ڳوٺ سومر ڦيراڻي واسڻ 35 ورهين جي ڪونج زال گاهي ڦيراڻي شھدادپور انسٽيٽيوٽ ميڊيڪل سائنس اسپتال ۾ ويم دوران فوت ٿي وئي، جنهن تي وارثن ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام هنيو. ان ڏس ۾ وارثن الزام مڙهيو ته اسان عورت جي ڊليوري لا آياسين ته ڊاڪٽرن ۽ عملي رلايو ته هتي وڃو، هتي وڃو، هي ماضي جي مثالي سمس اسپتال هاڻ ڪوس گهر بڻجي وئي آھي، اسان جي نوجوان عورت ڊاڪٽرن جي غفلت سبب فوت ٿي آھي. هنن مطالبو ڪيو ته اسان عورت جي فوت ٿيڻ جو سمس اسپتال جي ڊاڪٽرن خلاف ڪيس داخل کين سخت سزا ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button