پاڪستانسنڌ

ٽنڊو جان محمد سم نالي جو گيٽ لڙهي ويو، شهر ٻڏڻ جو خطرو

ٽنڊو جان محمد: ٽنڊو جان محمد ۾ ايل بي او ڊي سم نالي جي صيفل جو گيٽ لڙهي ويو، جنھن سبب پراڻ جو پاڻي تيزي سان وڌڻ لڳو، پاڻي جو وھڪرو بند نه ٿيڻ ڪري خان شاهھ ڪالوني، مير ظھور ڪالوني، ضرار ڪالوني، قيصر ڪالوني، مير احمد خان ڪالوني، عمران ڪالوني ۽ ٻيون ڪالونيون پاڻي هيٺ اچي ويون، جنھن ڪري ماڻھو محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ٿيڻ شروع ٿي ويا. سم واري صيفل واري ھنڌ ايس ڊي او آبپاشي اختر خاصخيلي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ھن معاملي جي مون کي ڪا به خبر ناھي، اھو ايل بي او ڊي وارن جو مسئلو آهي. جڏھن ته ٽائون آفيسر آفتاب ميمڻ ۽ سندس عملو پاڻي روڪڻ واري ڪوششن ۾ مصروف آھي. ان موقعي تي چونڊيل ڪائونسلر قاضي نور محمد ساند ڳالھائيندي چيو تہ شھري آبادي کي ٻوڙڻ جا ذميوار ايل بي او ڊي کاتي جا ڪرپٽ آفيسر آھن، جيڪي گهارو لڳل باوجود گم آهن. ايس ڊي ايم ڊگھڙي آصف خاصخيلي ۽ مختيارڪار نبي بخش سولنگي چيو ته شھري آبادي کي بچائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪريون پيا، ھي ذميواري ايل بي او ڊي وارن جي آھي، جن خلاف ڪارروائي لا ڊي سي کي رپورٽ ڏني ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button