پاڪستان

شهباز گل تي مبينا تشدد جي جاچ شروع،بيان قلمبند

اسلام آباد پوليس تحريڪ انصاف جي گرفتار اڳواڻ شهباز گل تي حراست دوران مبينا تشدد جي الزامن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، جنهن بعد تحريڪ انصاف اڳواڻن فواد چوڌري، شيرين مزاري ۽ علي نواز اعواڻ بيان قلمبند ڪرائڻ لا اڄ اسلام آباد پوليس اڳيان پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شهباز گل تي مبينا تشدد جي الزام بابت ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽر اسلام آباد جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جاچ ٽيم سميت اعليٰ اختيارين ۽ پوليس عملدارن شرڪت ڪئي. ذريعن موجب پوليس تشدد جي الزام هيٺ آيل سمورن ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. پمز اسپتال ۾ شهباز گل جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن جا بيان به ورتا ويا. اجلاس ۾ اختيارين کي جاچ ٽيم پاران عدالتي ڪارروائي تي بريفنگ ڏني وئي، شهباز گل کي ڏنل کاڌي بابت مڪمل نگراني جو فيصلو ڪيو ويو. ٻئي طرف تحريڪ انصاف جا اڳواڻ فواد چوڌري، شيرين مزاري ۽ علي نواز اعواڻ پوليس لائين هيڊ ڪوارٽر ۾ پيش ٿي شهباز گل تي تشدد جا ثبوت پيش ڪندا. واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آءِ جي کي تشدد واري معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button