پاڪستان

ڪا ڊيل نه پئي ٿئي،آرمي چيف ميرٽ تي اچڻ گهرجي:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسلام آباد کي بند ڪرڻ ڪو مسئلو ناهي پر اهو آخري قدم هوندو، نئين آرمي چيف جي مقرري ميرٽ تحت ٿيڻ گهرجي، نيوٽرلز کي هاڻي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اهي عوام سان گڏ بيهن ٿا يا چورن سان گڏ آهن. هن اهڙو اظهار ڊجيٽيل ميڊيا انفلوئنسرز ۽ يوٽيوبرز کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سڀني کي خبر پئجي چڪي آهي ته عوام مون سان گڏ بيٺل آهي، ڊيل جي تاثر کي رد ڪريان ٿو، اڄ سوشل ميڊيا تي سازش نه پر صحيح دڳ ۽ اصلاح نظر اچي رهي آهي، جيڪڏهن آئون اسلام آباد کي بند ڪرڻ چاهيان ته آساني سان ڪري سگهان ٿو پر اهو منهنجو آخري قدم هوندو، ان حد تائين وڃڻ نٿو چاهيان ڇو ته ملڪ جو معاشي نقصان ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻو پوندو، چورن جي پٺڀرائي ڪندڙ هاڻي ڦاسي پيا آهن، هي حڪمران اونڌا لٽڪي پون تڏهن به مون کي نااهل نٿا ڪرائي سگهن. هن چيو ته شهباز گل ٽي وي تي جيڪو ڪجهه چيو آهي ساڳيا رمارڪس اصغر خان ڪيس ۾ ججن به ڏنا هئا ته ڇا ان ڳالهه تي ججن کي به پڪڙيو ويندو؟ تحريڪ انصاف کي شهيدن بابت ناڪاري مهم ۾ ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو، عظميٰ بخاري کي چئو ته پنهنجي مڙس کي پوليس جي حوالي ڪري، پو شهباز گل کان جيڪي ڳالهيون ڪڍرائڻيون هجن اهي عظميٰ بخاري جو مڙس سچي ڪري ڇڏيندو. عمران خان وزيراعظم شهباز شريف طرفان ميثاق معيشت جي پيش ڪيل آڇ کي رد ڪندي چيو ته شهباز شريف ايترو سنجيده آهي ته پنهنجي ڀا جي اربين رپين جي ملڪيت ملڪ واپس آڻي ڏيکاري. آرمي چيف جي مقري بابت هن چيو ته آئون جنرل باجوا کي مدي ۾ واڌ ملڻ بابت ڪجهه نٿو ڄاڻان، روز روز نئين ڪهاڻي ٻڌڻ لا ملي ٿي، فوجي سربراهه جي مقرري واري معاملي تي پاڪستان کي سوچڻ گهرجي، مون 20 سال ڪرڪيٽ کيڏي پر مون کي نٿو ياد پوي ته ڪڏهن اخبار ۾ آرمي چيف جي تبديلي بابت ڪجهه پڙهيو هجي، هتي آرمي چيف جي تبديلي قومي اشو بڻجي ويندو آهي، اسان کي اهو ڏسڻو پوندو ته فوج جي اندر ميرٽ تي آرمي چيف بڻجڻ گهرجي، جيڪڏهن صرف هڪ مقرري پٺيان هي سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي ته اها ملڪ جي وڏي بدقسمتي آهي، فوج ملڪ کي متحد نٿي ڪري سگهي، ملڪ کي سياسي پارٽيون متحد رکنديون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته مون پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪنهن سان به اهڙو سلوڪ ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو، ڪنهن ٽي وي چئنل کي بند ڪرايم نه ئي ڪنهن اينڪر کي ڪڍرايو هو، اسان پنهنجي دور ۾ ڪنهن تي به دٻا نه وڌو، هي اليڪشن ۾ جيتري به دير ڪندا ان ۾ اسان جو ئي فائدو آهي، اسان جي پارٽي جي مقبوليت وڌندي پئي وڃي، پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڪشمير ۾ اسان جون حڪومتون آهن، جڏهن چاهيان اسلام آباد بند ڪري سگهان ٿو پر سوچيان ٿو ته ملڪ جون معاشي حالتون خراب آهن، تنهڪري سوچڻ لا آخري موقعو ڏيان ٿو، آئون جيڪو به ڪم ڪندو آهيان ان لا پنهنجون ٻيڙيون ساڙي ڇڏيندو آهيان، مون سڀ ڪجهه وڪڻي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪئي، سڀني مسئلن جو حل شفاف چونڊون ۽ سياسي استحڪام ۾ آهي. هوڏانهن اسلام آباد جي انتظاميا طرفان اجازت نه ڏيڻ تي تحريڪ انصاف جي ريلي نه نڪتي. وفاقي گادي واري شهر جي انتظاميا اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي زندگي کي خطرو هجڻ سبب تحريڪ انصاف کي ريلي جي اجازت ڏيڻ ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ کان معذرت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر جي ترجمان چيو ته روڊن تي ٽريفڪ جي دٻا سبب سيڪيورٽي رسڪ بڻجي سگهي ٿو، تحريڪ انصاف قيادت سان گڏوگڏ ريلي ۾ شريڪ ٻين ماڻهن جي حياتين کي به خطرو ٿي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button