پاڪستان

آرمي چيف بلوچستان ۾ متاثرن کي ترت رليف ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پنهنجي جوانن کي بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ماڻهن جي مدد لا سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. آ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا بلوچستان جي ڪور ڪمانڊر سان رابطو ڪيو ۽ سڄي صوبي ۾ ٻوڏ جي صورتحال بابت آگاهي حاصل ڪئي. آرمي چيف ڪور ڪمانڊر کي صوبائي حڪومت سان هر ممڪن سهڪار جي هدايت ڪندي چيو ته رليف، ريسڪيو ۽ بحالي لاءِ سول انتظاميا سان هر ممڪن تعاون ڪيو وڃي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب مواصلاتي نظام کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي تنهن ڪري فوج سڀ وسيلا ڪتب آڻي ۽ متاثرن جي مدد ڪري، هنگامي بنيادن تي انفرا اسٽرڪچر ۽ مواصلاتي نظام جي بحالي تي ڪم ڪيو وڃي. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج مشڪل گهڙي ۾ ٻوڏ متاثرن سان گڏ آهي، ٻوڏ متاثرن جي مدد پاڪ فوج جو قومي فرض آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button