اسلام آبادپاڪستان

عمران خان خلاف دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت ڪيس داخل

اسلام آباد :اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اسلام آباد جي مارگلا ٿاڻي ۾ اڳوڻي وزيراعظم خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. عمران خان خلاف اينٽي ٽيررازم ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ۽ ڪيس ڊيوٽي مئجسٽريٽ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ سرڪاري آفيسرن کي ڌمڪائڻ ۽ ڪم کان روڪڻ وارا قلم شامل آهن. ڪيس جي متن موجب عمران خان ايف نائن پارڪ جلسي ۾ ايڊيشنل سيشن جج ۽ پوليس اهلڪارن کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ سندس تقرير جو مقصد پوليس اختيارين ۽ عدليا کي ڊيڄارڻ هو. ايف آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڌمڪي جو مقصد پوليس آفيسرن ۽ عدليا کي پنهنجون قانوني ذميواريون پوريون ڪرڻ کان روڪڻ هو. ايڪسپريس کي مليل ايف آءِ آر موجب مئجسٽريٽ علي جاويد موقف اختيار ڪيو ته آئون پنهنجي گن مين سميت اسلام آباد جي ايف نائن پارڪ ۾ شهباز گل جي آزادي لاءِ نڪتل پي ٽي آءِ جي ريلي ۾ شامل هو، جنهن جي اڳواڻي عمران خان ڪري رهيو هو. پنهنجي تقرير ۾ ايڊيشنل سيشن جج ۽ اعليٰ آفيسرن کي ڌمڪيون ڏنيون. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جو مقصد پوليس ۽ عدليا جي اعليٰ عملدارن کي ڊيڄارڻ هو ته جيئن پوليس ۽ عدليا پنهنجون قانوني ذميواريون پوريون نه ڪري سگهن. ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي درخواست ۾ مئجسٽريٽ علي جاويد موقف اختيار ڪيو ته عمران خان جي تقرير پوليس اختيارين، عدليا ۽ عوام ۾ خوف ۽ حراس پکيڙيو آهي. عوام ۾ خوف، بدامني ۽ خوف پکيڙي آهي ۽ امن امان کي خراب ڪيو آهي. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اميد آهي ته وفاقي ڪابينا جي فيصلي کانپوءِ عمران خان کي گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته مان واضح طور چوان ٿو ته عمران خان کي گرفتار ڪيو وڃي. عمران خان پنهنجي مهم تان ڌيان هٽائڻ لاءِ شهباز گل تي تشدد جو داستان بڻايو آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن شهباز گل کي ڪجهه ڏينهن سندس حوالي ڪيو ويو ته هو صحتياب ٿي عدالت ۾ پيش ٿيندو. گهرو وزير وڌيڪ چيو آهي ته آئون پوري ذميواري سان ان ڳالهه جي ترديد ڪريان ٿو ته شهباز گل تي پوليس جي تحويل دوران ڪوئي تشدد نه ٿيو آهي. شهباز گل عمران خان جي هدايت تي تقراري بيان ڏنو، جنهن ۾ شهيدن جي تقدس کي پائمال ڪيو ويو، سندن گهرڀاتين جي جذبن کي مجروح ڪيو ويو آهي. پاڪستان رياست تي اهڙا الزام به لڳايا ويا جيڪي ڪڏهن به دشمن ملڪ افغانستان به ناهن لڳايا. عمران خان جو بيان مواخذي جوڳو، تشدد جي ڊرامي جو مقصد پي ٽي آئي جي ملڪ دشمن بيانئي کان ڌيان هٽائڻ آهي. عمران خان جي ڌمڪي واري تقرير تي قانون واري وزارت، ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد کان راءِ وٺي رهيا آهيون. عمران خان لانگ مارچ ڪري انشاءالله 25 مئي کان وڌيڪ اثرائتو جواب ملندو، اسان جي تياري پوري آهي. جيڪڏهن اوهان ڪائي حرڪت ڪئي ته انشاءالله انهيءَ ڏينهن فيصلو ٿي ويندو. آچر تي هتي پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته شهباز گل 8 آگسٽ تي رٿيل پلان تحت تڪراري بيان ڏنو، ان جي باقاعدي رڪارڊنگ موجود آهي ته ڪيئن چينل جا ماڻهو هن پروگرام کي فڪس ڪندا رهيا ته هن وقت فون ايندي ۽ هن وقت هي سوال ڪيو ويندو ۽ ان جي جواب ۾ 14 منٽ اوهان کي اها ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي جنهن ۾ ڪوئي خلل نه هوندو. هن چيو ته هي تڪراري بيان اصل ۾ عمران خان جو بيانيو ۽ پي ٽي آئي جو ايجندا آهي هاڻي ان ۾ ڪو شڪ ناهي رهيو ته هي پرڏيهي ايجنڊا آهي جيڪي 8 آگسٽ تي اي آر وائي چينل تي آن ايئر ڪيو ويو. هن چيو ته شهباز گل جي ان بيان ۾ فوج جي رينڪ اينڊ فائل ۾ سب آرڊيننس کي اها ترغيب ڏني وئي ۽ ڀڙڪايو ته اوهان پنهنجي ڪمانڊ جو حڪم نه مڃيو. هن چيو ته اها ڳالهه درست آهي ته ڪيترن ئي سياستدانن ڪيترن ئي موقعن تي اسٽِبشلمينٽ جي سياست ۾ مداخلت تي ڳالهه ڪئي هوندي، ڪنهن جو نالو به ورتو هوندو. اسٽيبلشمينٽ جي کوڙ سارن آفيسرن رٽائرمينٽ کان پوءِ ان تي ڪتاب به لکيا ۽ پنهنجي غلطين جو اعتراف ڪيو پر ڪنهن به ڪڏهن به فوج ۾ ڪمانڊ جي حڪم عدولي جي ترغيب نه ڏني. هن چيو ته شهباز گل جي ان بيان تي 9 آگسٽ تي مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ 24 ڪلاڪن اندر کيس جڊيشل مئجسٽريٽ جي سامهون پيش ڪيو ويو، ان جا فوٽيج به اسان جاري ڪنداسين. جڏهن ته اهو ميڊيا وٽ موجود آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هو ڪيئن هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رهيو هو ڇو ته اتي ان لاءِ ڪوئي نعريبازي ڪرڻ نه آيو هو ۽ هو مرڪي رهيو هو ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ جي سامهون ڪابه شڪايت نه ڪئي ته مٿس تشدد ڪيو ويو آهي ۽ ميڊيا سان به ڪا اهڙي ڳالهه نه ڪئي. گهرو وزير چيو ته 12 آگسٽ تي جڊيشل ريمانڊ تي وڃڻ کان اڳ شهباز گل ٽن ڏينهن تائين پوليس جي ڪسٽڊي ۾ رهيو انهن ٽن ڏينهن جي حوالي سان مان پنهنجي پوري تسلي ڪئي آهي. آئي جي اسلام آباد ۽ پوليس جي جاچ افيسرن کان به پڇا ڪئي ۽ پنهنجي طور ڄاڻ ورتي. مان پوري ذميواري سان ان ڳالهه جي ترديد ڪريان ٿو ته شهباز گل تي پوليس ڪسٽيڊي دوران ڪوئي تشدد ٿيو آهي. راڻا ثناءُالله چيو ته 17 آگسٽ تائين 6 ڏينهن تي ڪنهن فارم تي به شهباز گل پاران پاڻ تي تشدد جي ڪائي شڪايت داخل ناهي ڪرائي وئي. هن چيو ته 17 آگسٽ تي جڏهن ان جو ٻيهر ريمانڊ ڏنو ويو ۽ مزاحمت کان پوءِ اسلام آباد پوليس ان کي کڻي وئي ته ان جي حالت خراب ٿيڻ لڳي. جڏهن ته ڪنهن تشدد جي بنياد تي ان جي صحت جي خرابي سامهون ناهي آئي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) سياسي جماعت طور ڪنهن قسم جي جسماني يا ذهني تشدد ۽ ٽارچر جي سخت مخالف آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button