اسلام آبادپاڪستان

ڀارتي ميڊيا ڪوڙيون دعوائون ڪري رهيو آهي:پاڪستان

اسلام آباد : پاڪستان، ڀارت طرفان دهشتگردي جي سڀني دعوائن کي ڪوڙو قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارتي ميڊيا ڪوڙيون دعوائون ڪري رهيو آهي ته ڪجهه هٿيارن سان گڏ هڪ خالي ٻيڙي قبضي ۾ ورتي وئي آهي.پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارت طرفان مبينا واقعن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي. ڀارت پروپيگينڊا ڪري پاڪستان خلاف منظم دهشتگردي جو بيانيو اڳتي وڌائي رهيو آهي. ترجمان موجب ڀارتي ميڊيا مبينا واقعي کي هٿ ٺوڪي ممبئي طرز جي حملي جي منصوبابندي سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارتي الزام پاڪستان کي بدنام ڪرڻ ۽ پوءِ دهشتگردي کي جنم ڏيڻ جي ڀارتي منصوبي جو تسلسل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button