اسلام آبادپاڪستان

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو اڄ يورپ جي پهرين دوري تي روانو ٿيندو

اسلام آباد : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اڄ سومر 22 کان 26 آگست تائين يورپ ۾ پنهنجي پهرين دوري دوران يورپي ملڪن سان ٻطرفي تعاون ۽ اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ جي سلسلي ۾ چئن ملڪن جو دورو ڪندو. پنجن ڏينهن جي دوري ۾ پرڏيهي وزير جرمني، ڊينمارڪ، سوئڊن ۽ ناروي جو دورو ڪندو. پرڏيهي وزير جي ترجمان عاصم افتخار مطابق انهن ملڪن سان لاڳاپن جي سياسي نقطي کان علاوه واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا پرڏيهي وزير جي دوري جي ايجنڊي جو اهم مرڪز هوندا. هن چيو ته هي 4 ملڪ پاڪستان جي يورپ سان لاڳاپن لاءِ اهم آهن ڇو ته انهن ملڪن ۾ پاڪستاني وڏي انگ ۾ موجود آهن ۽ پاڪستان ۾ انهن جي سيڙپڪاري آهي دوري دوران پرڏيهي وزير پنهنجي هم منصبن ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن سان ڳالهه ٻولهه ۾ انهن ملڪن ۾ پاڪستانين لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ ۽ ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏيندو. پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ سياسي ۽ عسڪري سطح تي ڪيتريون ئي اعليٰ سطحي ملاقاتون ٿي چڪيون آهن جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٻئي ملڪ پنهنجي لاڳاپن کي ڪيتري اهميت ڏئي رهيا آهن. جرمن ڪمپنين به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان جا جرمني، ڊينمارڪ، سوئيڊن ۽ ناروي سان پراڻا ۽ گهڻ رخا لاڳاپا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير هن دوري دوران علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کان به آگاهه ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button