اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

بجلي 4 رپيا 69 پئسا في يونٽ وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد : ملڪ ۾ بجلي 4 رپيا 69 پئسا في يونٽ وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي پاران نيپرا کي ڏنل درخواست ۾ جولاءِ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي 4 رپيا 69 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. سي پي پي مطابق جولاءِ ۾ پاڻي مان 35 ڏهائي 17 سيڪڙو ۽ ڪوئلي مان 12 ڏهائي 74 سيڪڙو بجلي تيار ٿي. ڊيزل مان 1 ڏهائي 46 سيڪڙو ۽ فرنس آئل سان 6 ڏهائي 42 سيڪڙو بجلي پيدا ٿي. ڊيزل مان پيدا ٿيندڙ بجلي جي لاڳت 27 رپيا 88 پئسا في يونٽ رهي. جڏهن ته فرنس آئل مان 35 رپيا 69 پئسا في يونٽ جي حساب سان بجلي پيدا ڪئي وئي. مقامي گئس مان 10 ڏهائي 36 ۽ ٻاهران گهرايل ايل اين جي مان 14 ڏهائي 98 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. ايل اين جي مان بجلي جي لاڳت 28 رپيا 28 پئسا في يونٽ رهي. ان کان سواءِ ايٽمي ٻارڻ مان 14 ڏهائي 20 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي، جنهن جي پيدواري لاڳت هڪ رپيو في يونٽ رهي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ٻڌايو ته جولاءِ ۾ ڪل 13 ارب 76 ڪروڙ يونٽ بجلي وڪرو ٿي. جولاءِ لاءِ پيداواري لاڳت 6 رپيا 28 پئسا في يونٽ مقرر هئي. جڏهن ته بجلي جي پيداواري لاڳت 10 رپيا 28 پئسا في يونٽ رهي. نيپرا 31 آگسٽ تي سي پي پي اي جي درخواست تي شنوائي ڪندي ۽ بجلي جي قيمت وڌڻ سان واهپيدارن تي 75 ارب رپين کان وڌيڪ جو بار پئجي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button