اسلام آبادپاڪستان

شهباز گل کي سي آئي اي ٿاڻي ۾ مارڪٽ ڪئي وئي:فواد چوڌري

اسلام آباد :پي ٽي آئي جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته شهباز گل کي سي آئي اي جي ٿاڻي ۾ مارڪٽ ڪئي وئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن شهباز گل تي تشدد ناهي ٿيو ته پوءِ انڪوائري کان ڇو ڀڄي رهيا آهن. پي ٽي آئي اڳواڻ چيو ته راڻا ثناءُالله تي جنهن قسم جو تشدد ماضي ۾ ٿيو، حيران آهيان. ان ڪجهه سکيو ئي نه آهي. فواد چوڌري چيو ته عوام ۾ نه وڃڻ جي حيثيت رکندڙ ادارن جي پناهه ۾ ويٺا آهن. بند ڪمرا ۽ پهرا کين عوام جي غصي ۽ ڪاوڙ کان بچائي نٿا سگهن. هن چيو ته عوام عمران خان سان گڏ بيٺو آهي، ايئن اڳ ڪڏهن به نه ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button