پاڪستانسنڌ

ڪلوئي ۾ ايل بي او ڊي ۾ چاڙهه، چونڊيل نمائندا گم

ڪلوئي: ڪلوئي تعلقي جي مختلف علائقن ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي، جنهن ڪري ڪچا گهر پٽ پئجي ويا آهن. ايل بي او ڊي سم نالي ۾ مسلسل چاڙهه جاري آهي، گهارو پوڻ سبب ڪمهالو، ڪلوئي، ونگو پتڻ ۽ مريد خان عمراڻي سميت سوين ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو آهي. هنگامي صورتحال هجڻ باوجود ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندا گم آهن. رهواسين محمد موسى احمداڻي، حاجي عثمان سمون، مولوي رمضان لنڊ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي انتظاميا بلڪل منظر عام تان غائب آهي، اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت سم نالي جي ڪمزور بندن تي مٽي وجهي رهيا آهيون. هن مطالبو ڪيو ته ايل بي او ڊي سم نالي جي مرمت ڪري هزارين ماڻهن کي بي گهر ٿيڻ کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button