پاڪستانسنڌ

پيارولنڊ لڳ شاخ کي 50 فوٽ گهارو، آبپاشي عملو گم

عثمان شاهھ ھڙي: پيارو لنڊ ويجهو ميل شاخ کي ميل موري وٽان 50 فوٽن گهارو پئجي ويو. گهاري جو پاڻي ڳوٺ سومار ميمڻ، ايوب لاشاري، عارب خان وساڻ، جويا، درمحمد لاشاري ۽ ٻٻر ڳوٺ سميت 20ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي سگهن ٿا، گهاري سبب پيارو لنڊ ۽ ڪمال خان مستوئي سميت ٻيا ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو آهي، اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه پهتو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ڊي او ارشد وهاب شاهھ ٻڌايو ته گهارو بند ڪرڻ اسان جي وس جي ڳالهھ نه آھي، شاخ ۾ منڍ جا بااثر زميندار پنهنجي زمينن جو پاڻي ڇوڙ ڪري رهيا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button