سنڌ

صحافي الياس سمون کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي:سي پي اين اي

ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) عوامي آواز جي سينيئر رپورٽر الياس سمون جي اغوا ۽ ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سينيئر صحافي ۽ ڪيٽي بندر پريس ڪلب جي صدر الياس سمون کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سي پي اين اي جي صدر ڪاظم خان ۽ سيڪريٽري جنرل عامر محمود پنهنجي گڏيل مذمتي بيان ۾ چيو آهي ته ٺٽي ضلعي جي ڪيٽي بندر پوليس سينيئر صحافي، ڪيٽي بندر پريس ڪلب جي صدر ۽ روزاني عوامي آواز جي رپورٽر الياس سمون کي مقامي بااثر وڏيرن جي چوڻ تي اغوا ڪيو. بي بنياد ۽ ڪوڙو ڪيس ٺاهڻ ۽ گرفتاري ظاهر ڪرڻ صحافين تي وڏيرا شاهي جي ظلم ۽ بربريت جو اظهار آهي، جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي. صحافين کي آواز اٿارڻ تي خاموش ڪرائڻ لاءِ بااثر وڏيرن ۽ زميندارن پاران رياستي جبر جو استعمال جمهوريت جو قتل عام آهي ۽ ان واقعي ۾ ملوث عنصرن کي بي نقاب ڪرڻ حڪومت جي اولين ذميواري آهي. سي پي اين اي جي اڳواڻن گرفتار صحافي تي تشدد کي کليل غنڊا گردي قرار ڏيندي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي صحافي الياس سمون خلاف داخل بي بنياد ڪيس ختم ڪري کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button