پاڪستان

ڪوئيٽا ۾ مسلسل وسڪارو،2 ڊئم ٽٽي پيا،آبادي ۾ پاڻي داخل

ڪوئيٽا ۾ تيز برساتن سبب ٻه ڊئم ٽٽي پيا، جن جو پاڻي هزارا، ڪچلاڪ شهرن ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آهي. تفصيل موجب بلوچستان جي گادي واري شهر ۾ مسلسل برسات سبب روڊ رستا تلائن ۾ تبديل ٿي ويا آهن، جڏهن ته بدترين ٽريفڪ جام ٿيڻ ڪري شهرين کي اچ وڃ ۾ سخت ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن، زورائتي مينهن سبب شهر جا هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن پر پي ڊي ايم اي سميت ضلعي حڪومت غير فعال بڻيل آهي ۽ ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت گهرن مان پاڻي ڪڍڻ تي مجبور آهن. ايڪسپريس نيوز موجب ڪوئيٽا جي علائقي سملي ڀرسان موجود ڊئم ۽ ڪچلاڪ ويجهو برودي ڪرخسار ڊئم ٽٽي پيا آهن، جنهن سبب ٻوڏ جو پاڻي آبادين ۾ داخل ٿي ويو. ڪرخسار ڊئم ٽٽڻ جي نتيجي ۾ هزارا شهر جي آبادي سخت متاثر ٿي آهي، جتي امدادي ٽيمون روانيون ٿي ويون آهن. ٻئي طرف سملي واري علائقي ۾ ڊئم ٽٽڻ سبب ڪچلاڪ، ميراني ۽ ٻين ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي ۽ مقامي ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. شديد برساتن دوران ڪرخسار ۽ سملي ڊئم جي ٽٽڻ جي اڳڪٿي ٿيل هئي پر صوبائي حڪومت طرفان اڳواٽ ڪي به اپا نه ورتا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button