سنڌ

ڪراچي ۾ ننڍي چونڊ ۾ تحريڪ انصاف اميدوار کي سرسي

ڪراچي جي تڪ اين اي 245 جي ننڍي چونڊ ۾ تحريڪ انصاف جو اميدوار محمود مولوي 22 هزار 4 سئو 85 ووٽ کڻي سڀ کان اڳتي آهي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 245 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ 8 وڳي شروع ٿي جيڪا بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهي. ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ غير سرڪاري نتيجن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف کي سرسي حاصل آهي. اين اي 245 جي 263 پولنگ اسٽيشنن مان 201 پولنگن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب تحريڪ انصاف جو محمود مولوي 22485 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو اميدوار معيد انور 8467 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي آهي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اميدوار محمد احمد رضا 6713 ووٽ حاصل ڪيا. ان کان سواءِ آزاد اميدوار فاروق ستار 2389 ۽ پاڪ سرزمين پارٽي جي اميدوار سيد حفيظ الدين 866 ووٽ حاصل ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button