پاڪستان

نواز کان عمران تائين،ماضي ۾ به سياسي اڳواڻن جي تقريرن تي بندش لڳي

پاڪستان ۾ عمران خان کان اڳ ماضي ۾ ٻين به ڪيترن ئي سياستدانن جي لائيو تقرير ڏيکارڻ يا نشر ڪرڻ تي پابندي لڳي چڪي آهي، ايم ڪيو ايم جي سربراهه، ن ليگ اڳواڻ مريم نواز، جي يو آ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ نواز ليگ جي سربراهه نواز شريف کانپوءِ عمران خان ملڪ جو اهو پنجون سياسي اڳواڻ آهي جنهن تي پيمرا پابندي مڙهي ڇڏي آهي. ان کان اڳ عمران خان جي حڪومتي دور (2020ع) ۾ پيمرا اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي تقرير نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي هئي. ان کان علاوه نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز ۽ جي يو آ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي تقريرن ۽ پ پ اڳواڻ آصف علي زرداري جا انٽرويو نشر ڪرڻ تي پابندي لڳي هئي. ان کان اڳ نواز شريف جي حڪومتي دور سال 2016ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي سربراهه تي رياست مخالف تقرير جي الزام هيٺ سندس تقريرون نشر ڪرڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button