پاڪستان

نارووال ۾ بارودي سرنگهه جو ڌماڪو،ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت

نارووال ڀرسان بارودي سرنگهه ڦاٽڻ ڪري 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 ڀا ڀيڻ سخت زخمي ٿي پيا آهن. تفصيل مطابق نارووال ۾ ظفروال تعلقي جي سرحدي علائقي ڳوٺ اسڪروڙ وٽ نالا ڊيڪ ۾ ڪجهه ٻار مڇي پڪڙي ۽ ڀرسان وهنجي رهيا هئا ته ان دوران ڪنهن ٻار جو پير ٻوڏ دوران مبينا طور ڀارت مان نالا ڊيڪ ۾ لڙهي ايندڙ بارودي سرنگهه تي اچي ويو جيڪا زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پئي. اطلاع ملڻ تي مددگار 1122 جا رضاڪار، پوليس ۽ حساس اداري جا اهلڪار موقعي تي پهتا، ريسڪو 1122 جي رضاڪارن ٻن شديد زخمي ٿيل ٻارڙن کي ظفروال اسپتال منتقل ڪيو جتي کين طبي امداد ڏيڻ بعد ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال نارووال ڏانهن ريفر ڪيو ويو. زخمين ۾ 15 ورهين جو اظهر پٽ مظهر ۽ 9 ورهين جي ايمان فاطمه ڌي مظهر عمر شامل آهن، جڏهن ته چئن فوتين ۾ 18 ورهين جو نوجوان فيض پٽ نواز عمر، 10 ورهين جو ڪالو پٽ طارق عمر، 12 سالن جو نواز پٽ بشير احمد ۽ 15 ورهين جو مصطفيٰ پٽ مظهر عمر شامل آهن. هڪ ئي گهر مان ڀيڻ ڀاءُ زخمي ۽ هڪ ڀاءُ فوت ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button