سنڌ

پير وسڻ ۽ ڀرپاسي برسات جي تباهي،ڳوٺن جا رستا بند ٿي ويا

پير وسڻ ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ پنجن ڏينھن کان هلندڙ برسات تباھي مچائي ڇڏي، کرڙاهه، ٽنڊو مير علي، بخش علي جمالي، ڪورڪي، جعفر خان جلالاڻي، مُحمد شاهه، سيري، ستيارو، ڪڻڇي، ملڪ چودڳي، گل شاهه، حبيب وانڍ، پير بخش جلالاڻي، عطا محمد لاشاري، مکڻ خان، سجاول فقير، خير محمد جمالي، رسول بخش جمالي، ڪرم خان، باقي خان، خدا بخش نوراڻي، بلوچ خان زرداري، فيض محمد موجائي، ميوو منڱريو، مٺو چانڊيو، پنجل شر، مٺل بڙدي، پيرل بڙدي، باغ بچراھ غازي خقن قمبراڻي، آباد مجيداڻو، غلام نبي سولنگي ۽ ٻين مختلف ڳوٺن ۾ گھر ڊھي پٽُ ٿي ويا آهن. برسات متاثر خاندان کليل آسمان ھيٺ اچي ويا آهن. ٻئي طرف فصل پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن. مختلف ڳوٺن جي متاثرن عبدالرحمٰن جمالي، يونس جمالي، عيسى بنگلاڻي، محراب جمالي، رمضان مل مارواڙي، اوشاق لاشاري، ڪوڙو خان شر، خميسو مل مارواڙي ۽ ٻين دانھيو تہ اسان برسات وسڻ تي ٻڏي رھيا آھيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button