سنڌ

سيوهڻ مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيو،متاثرن جا مظاهرا،ڌرڻا

سيوھڻ مان 3 ڏينهن کان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، جنهن جي خلاف گل محمد شاهه پاڙي جي سوين رهواسين جھولي لعل سي اين جي وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي سيوھڻ – حيدرآباد انڊس هاءِ وي بند ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي متاثرن دانھيو ته برسات بند ٿي وئي آهي پر گھرن ۾ اڃان تائين پاڻي بيٺل آهي. انتظاميا ڊيزل مشين ڏني پر 2 ڏينهن کان ڊيزل ناهي ڏنو. پاڙي وارن چندو ڪري مشين کي ھلايو پر ھاڻي ھنن وٽ کائڻ لاءِ به ڪجھه ناھي. ھنن چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ کي بار بار شڪايتون ڪيون آهن پر ڪابه واھر نٿي ڪئي وڃي. 15 مددگار انچارج منظور دل مظاھرين کي يقين ڏياريو ته مشينون لڳائي پاڻي نيڪال ڪرايو ويندو، اهڙي خاطري کانپو برسات متاثرن روڊ کولي ڇڏيو. ھوڏانھن برسات متاثرن مدد نه ٿيڻ خلاف جھاز چوڪ وٽ انڊس هاءِ وي بند ڪري سخت نعريبازي ڪئي. متاثرن دانھيو ته اسان کي صرف رلايو پيو وڃي، ڪنھن مھل ڪاليج، ھا اسڪول، روينيو ريسٽ هائوس سميت ٻين ھنڌن تي رلايو پيو وڃي. لسٽون ۽ شناختي ڪارڊن جون ڪاپيون ڏئي ڏئي ٿڪجي پيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button