پاڪستانسنڌ

سنڌڙي ۾ برساتي پاڻي بيٺل، متاثرن ۾ فنڪشنل اڳواڻن راشن ورهايو

سنڌڙي: سنڌڙي تعلقي ۾ برسات تباھي مچائي ڇڏي، ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، برسات سبب سوين گھر ڊھي پٽ پئجي ويا. ڳوٺن جا ڳوٺ مڪمل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جنهن سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهر سان رابطو ڪٽجي ويو آهي. ٽائون ڪميٽي هنڱورنو جا 5 وارڊ پاڻي ۾ ٻڏل آهن، متاثر خاندان روڊن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن، پر سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا سندن ڪا مدد ناهي ڪئي. جڏھن ته فنڪشنل ليگ جي اڳواڻن اڳوڻي تعلقي ناظم سرفراز جوڻيجو، فنڪشنل ليگ ميرپورخاص ضلعي جي صدر مبارڪ مھر، حاجي حمير حاجن درس، انجنيئر ياسر ڪلال مختلف ڳوٺن جي ٻوڏ متاثرن ۾ کاڌي پيتي جو سامان ۽ پيئڻ جو پاڻي ورهايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button