پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ پگهارن لا حسين بخش مري جي ملازمن جو مظاهرو

ميرپورخاص: تعلقي حسين بخش مري جي ملازمن ٻن مھينن کان پگھارون نه ملڻ خلاف ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي متاثر ملازمن شاھد خاصخيلي، مرتضى ناريجو، عمير جٽ، شڪايت خاصخيلي، اياز پنھور ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته گذريل 11 سالن کان ڊيوٽي ڪري رھيا آھيون، ٻن مھينن کان 240 کان وڌيڪ ملازمن کي پگهارون جاري ناهن ڪيون ويون، جنهن سبب فاقن تي آهيون، پگھارن سميت اسان جي 9 مھينن جي انڪريمنٽ به جاري نه ٿي ڪئي وڃي. پئسا ھجڻ باوجود ايڊمنسٽريٽر ذوالفقار لاکو پگھارون جاري نه پيو ڪري. ھنن صوبائي وزير روينيو، ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي پگھارون جاري ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button