پاڪستانسنڌ

نئون ڪوٽ ۾ سم نالي ۾ چاڙهه، سنتورو بازار کي ڏنل 2 بند ٽٽي پيا

نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ ۾ ايل بي او ڊي سم نالي ۾ پاڻي ھر ڪلاڪ ۾ وڌڻ لڳو. نئون ڪوٽ-ميرپورخاص روڊ تي 75 موري واري ھائي وي روڊ جي پل ٽرئفڪ توڙي لوڊر گاڏين لا بند ڪئي وئي. سم نالي واري پل جي پاسن کان ڏنل ڪٽن مٿان پاڻي وھڻ لڳو، ٻنهي پاسن کان پوليس مقرر ڪئي وئي، ڊي سي بدين پڻ جائزو وٺي روانو ٿي ويو. ايل بي او ڊي جي آدم موري کان ڀٽارو تائين ٻنهي ڪپرن کان پاڻي سمنڊ جيان ڇوليون ھڻڻ لڳو، سم نالي جي پاڻي جي دھشت رھواسين کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. نئون ڪوٽ-ميرپورخاص روڊ تي پل بند ٿيڻ بعد نئون ڪوٽ، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ڏانهن ويندڙ ٽرئفڪ نفيس نگر سيلور کان ٿي متبادل رستو اختيار ڪرڻ تي مجبور آهي. ايل بي او ڊي جو پاڻي ڍوري ۾ داخل ٿيڻ سبب ڍورو پراڻ مٿان ۽ ھيٺان کان پاڻي جي دٻا ۾ اچي ويو. پراڻي پاڻي لنگهھ ۽ ڍوري پراڻ ۾ پاڻي جي غير معمولي چاڙھه بعد سنتورو بازار کي ڏنل ٻئي حفاظتي بند ٽٽي ويا، ڍوري جو پاڻي آبادين طرف وڌڻ لڳو. ايم اين اي مير منور ٽالپر ۽ ايم پي اي مير طارق ٽالپر ايل بي او ڊي جو دورو ڪيو، جنهن دوران سوين متاثرن چونڊيل نمائندن اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته ھيڏي وڏي تباهي باوجود ميرپورخاص ضلعي ۽ ٿرپارڪر جي بئراج ايريا کي آفت سٽيل قرار ناهي ڏنو ويو، ايل بي او ڊي جون تباھڪاريون ھتي به آهن، جنهن تي چونڊيل نمائندن لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن کي ڊٺل گھرن جي سروي ڪري ھفتي اندر برسات جي تباھڪارين جي رپورٽ ڏيڻ جي ھدايت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button