پاڪستانسنڌ

يوسي بيگن جروار ۽ لانڍي ۾ 15 سئو گهر ڊهي پٽ

مسڻ وڏي:يوسي بيگن جروار ۽ لانڍي ۾ برسات سبب 15 سئو کان وڌيڪ گهر ڊھي پيا، برسات متاثر مال سميت روڊن تي اچي ويا. يوسي بيگن جروار جي ديھه ڳاڙهو صدر ۽ ديھه ڍالو ۾ ايندڙ سمورا ڳوٺ برسات ٻوڙي ڇڏيا آهن. ڳوٺ مير جي جاگير ۾ برسات تباھي مچائي ڇڏي، ڳوٺ جا سوين ماڻهو گهرن مان نڪري نه سگهيا، ڳوٺ جي چئني پاسن کان گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي. ڳوٺ مير جي جاگير ۾ 700 کان وڌيڪ گهر برسات سبب ڊهي پٽ پئجي ويا آهن. يوسي لانڍي جي ڳوٺ ميگھواڙ ڪالوني ۾ 25 گهر ڊھي پٽ پئجي ويا، جنهن سبب رهواسي روڊ تي پکڙا اڏي ويهي رهيا. يوسي لانڍي جي ڳوٺ عليم ٿيٻو ۾ 30 گهر پٽ ڪري پيا. يوسي بيگن جروار جي ديهھ ڍالو جي ڳوٺ طالب ٿيٻو ۾ 15، ڳوٺ خدابخش ٿيٻو ۾ 30، ڳوٺ محمد علي شاھه ۽ ڳوٺ مڇاھو ۾ 50 کان وڌيڪ گهر پٽ پئجي ويا. بيگن جروار ۽ لانڍي جي اڪثر ڳوٺاڻن 2011ع واري ٻوڏ دوران مليل خيما استعمال ڪيا. 8 ڏينهن کان هلندڙ برسات سبب اڪثر ماڻهو گهر ڊھڻ کانپوءِ روڊن تي اچي ويا آهن، جن جي ضلعي انتظاميا، چونڊيل نمائندن يا اين جي اوز وارن ڪا مدد ناهي ڪئي. ان حوالي سان يوسي بيگن جروار تي وائيس چيئرمين جي اميدوار نور احمد ٿيٻو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يوسي بيگن جروار ۽ يوسي لانڍي جي عوام ھميشه پ پ کي ووٽ ڏيندي آهي، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي گھرجي ته برسات متاثرن جي سار سنڀال لھن. رهواسي روڊن تي اچڻ سان گڏ محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن، ڪجھه اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ ويٺا آهن ته وري پنهنجي اوطاقن ۾ ويھاريا آهن، سوين ماڻهو برساتي پاڻي سبب ڳوٺن ۾ ڦاٿل آهن. هوڏانهن برسات متاثرن سهائتا نه ٿيڻ خلاف رامچندر، نواز علي، خليفو، علي بخش، رانجهو مڳيو سولنگي، گوردن ميگھواڙ ۽ ٻين احتجاج ڪيو. هنن ايم پي اي امداد پتافي ۽ ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ سان گڏ خيما، راشن ڏئي علاج لاءِ ڊاڪٽر موڪليا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button