پاڪستان

شهباز گِل وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

اسلام آباد: اسلام آباد جي مقامي عدالت شهباز گِل جي جسماني رمانڊ لاءِ داخل درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌائيندي سندس وڌيڪ ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کيس پوليس جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڊيشل مجسٽريٽ ملڪ امان فيصلي ۾ پوليس جي وڌيڪ ٻن ڏينهن جسماني رمانڊ جي درخواست منظور ڪندي شهباز گِل کي 24 هين آگسٽ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ان کان اڳ ادارن خلاف ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل کي جسماني رمانڊ لاءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ پيش ڪيو ويو، جتي شنوائي بعد عدالت جسماني رمانڊ لاءِ داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي جوابدار کي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ان کان اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي قانوني ٽيم شهباز گِل جي اڊيالا جيل ۾ ورتل ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، ڊيوٽي جج ملڪ امان جي روبرو وقفي بعد شنوائي ٻيهر شروع ٿي ان دوران اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر پيش ۽ ٻڌايو ته هيءَ جسماني رمانڊ جي استدعا آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ فيصلو محفوظ آهي، جوابدار جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته 13 ڏينهن کان شهباز گِل اسلام آباد پوليس جي قيد ۾ آهي، 14 ڏينهن ڪو گهٽ رمانڊ آهي؟ کيس مارڻو اٿوَ ڇا؟ شنوائي دوران بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته شهباز گِل لينڊ لائن ذريعي بيپر ڏنو، ان ۾ ڪو شڪ ناهي، شهباز گِل وٽان نيٺ ڇا ريڪور ڪرڻو آهي؟ آرمي پبلڪ اسڪول مان پڪڙيل جوابدارن جو ڇا اڍائي مهينا رمانڊ ٿيو؟ ان موقعي تي اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته ٻه ڏينهن پمز اسپتال ۾ رهڻ دوران ٻن ڏينهن جو جسماني ختم نٿو ڪري سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button