سنڌ

پير وسڻ ۽ ڀرپاسي مسلسل برسات،علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا

پير وسڻ ۽ ڀرپاسي جا علائقا ۾ مسلسل برسات سبب پاڻي هيٺ اچي ويا. ان ڏس ۾ ٽائون ڪميٽي ٽنڊو مير علي، يوسي کرڙاهه، يوسي سيري، يوسي باقي خان اعواڻ ۽ يوسي جعفرخان جلالاڻي جا 50 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا آھن، جنھن ۾ سوين گھر لڙھي ويا آھن ۽ ھزارين ماڻھون بي گھر ٿي ويا آھن. ان ڏس ۾ متاثر ذوالفقار چانڊيو، علي گوھر ڏيپر، عبدالحڪيم جمالي، وحيد لاشاري، نسيم تبسم شر ۽ ٻين دانھيو ته جنھن وقت اسان بک بدحالي ۽ برسات ۾ موت مرنداسين، انتظاميا ۽ سرڪار پو اچي اسانجا لاش کڻائيندي. انتظاميه ھن ڏکئي وقت ۾ اسانجي مدد لاءِ تيار ناھي، متاثرن مطالبو ڪيو ته فوري ھنن جي مدد ڪري مشڪلاتون دور ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button