سنڌ

اڳڙا ۽ ڀرپاسي برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيو،رهواسي پريشان

اڳڙا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ 6 ڏينهن گذرڻ باوجود برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو. دلاور کهڙو، ستابو، يار محمد مرکنڊ، بهارو،مجھد، راضيديرو ۽ ٻين شهرن ڳوٺن ۾ مسلسل تيز ھوا سان گڏ برسات پوڻ سبب برسات جو پاڻي روڊن ۽ گهٽين ۾ تي ٻن فٽن کان مٿي بيھڻ سبب رهواسي سخت تڪليف ۾ اچي ويا آهن. جڏهن ته بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. هوڏانهن آبادگارن جو فصل ٻڏي ويو آهي. جڏهن ته مڇرن ۽ مکين جو آزار وڌي ويو آهي. ڪيترن ئي غريبن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن. اڳڙا ڀرسان ڳوٺ يار محمد مرکنڊ ۾ فيض محمد مرکنڊ، نذير احمد مرکنڊ، محمد شريف مرکنڊ، عبدالحميد مرکنڊ، ٻئي طرف اياز علي ڪوري، اميتاز علي، محمد صديق پنجابي، گلشن ڪلهوڙو، مولابخش لاشاري سميت ٻين ڳوٺن سميت 50 گهرن کان مٿي گهر ڪري پٽ پئجي ويا آهن. متاثر بي يار مددگار آهن. متاثرن مطالبو ڪيو ته سندن واهر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button