سنڌ

اوٻاوڙو جو فوجي جوان شهيد،صدمي ۾ پي دم ڏئي ڇڏيو

آزاد ڪشمير باغ جي علائقي ۾ گاڏي کاهي ۾ ڪلٽي ٿيڻ سبب اوٻاوڙو جي ڳوٺ سلطان خان گنگل جي شهيد ٿيل فوجي جوان شاهد حسين پٽ عبدالخالق گنگل جو مڙهه ڳوٺ آندو ويو، جتي صدمي ۾ سندس پي دل بيهڻ سبب فوت ٿي ويو. هڪ ئي گهر مان پي ۽ پٽ جا لاش کڄڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي. فوتين جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، شھيد فوجي جوان کي فوجي دستي سلامي پيش ڪئي، جنهن کانپو فوجي اعزاز سان پير شيخ طاھر قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. ياد رهي ته راولا ڪوٽ کان شجاع آباد ويندي آزاد ڪشمير باغ وٽ فوجي جوانن جي گاڏي اونهي کاهي ۾ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 9 فوجي جوان شهيد ۽ چار جوان زخمي ٿي پيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button