پاڪستان

برساتن ريلوي نظام به مفلوج ڪري ڇڏيو،ڪراچي-پشاور روٽ 3 ڏينهن بند

سنڌ سميت مختلف صوبن ۾ هلندڙ طوفاني برساتن ۽ پاڻي جي وڌندڙ وهڪرن ريلوي نظام کي به مفلوج ڪري ڇڏيو، ڪراچي کان پشاور روٽ کي بند ڪري 5 ريل گاڏين جي اچ وڃ ٽن ڏينهن لا منسوخ ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب ٻوڏ واري صورتحال ۽ مسلسل مينهن جي وسڪاري سبب ڪراچي- پشاور ريلوي روٽ بند ٿي ويو آهي. ريلوي اختيارين موجب ڪراچي ايڪسپريس، پاڪستان ايڪسپريس ۽ تيزگام 3 ڏينهن تائين نه هلنديون، جڏهن ته قراقرم ۽ عوام ايڪسپريس کي پڻ بند ڪيو ويو آهي، ان کان علاوه ڪوئيٽا ويندڙ بولان ميل ۽ جعفر ايڪسپريس به ريلوي پٽڙين تي پاڻي بيهڻ ڪري في الحال بند رهنديون. ريلوي ترجمان موجب روهڙي کان گمبٽ ۽ لاکا روڊ تائين مين ريلوي لائين پاڻي هيٺ اچي وئي آهي، جنهن بعد مسافرن جي حفاظت لاءِ آپريشن بند ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button