پاڪستان

ڪارڪن ٻوڏ متاثر ماڻهن جي خدمت لاءِ اڳتي وڌن:فضل الرحمان

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان جي جماعت عمران نيازي جي فتني تي اکيون بند ڪري نٿي ويهي سگهي، قانون سازي جي حوالي سان حڪومت جو بنيادي هدف چونڊن ۽ نيب قانونن ۾ سڌارا آڻڻ آهي. اهڙو اظهار هن پشاور ۾ جي يو آ جي مرڪزي مجلس عمومي جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان کي چيو ويو ته خيبر پختونخوا ۾ مذهب جون پاڙون پٽڻ لاءِ عمران نيازي کي حڪومت ڏني وئي، اسان جي جماعت قرآن ڪريم جي حڪمن کي نظر انداز نٿي ڪري سگهي، ملڪ جي مجموعي سياست ۾ سمورن فرقن جا عالم متفق آهن. جمهوريت جو تعين اسان جو آئين ڪندو آهي، مملڪت جي حڪمراني عوام جي تائيد سان هجي پر طريقيڪار قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ هجي. فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته پرڏيهه ۾ موجود پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جو شوشو ڇڏيو ويو، ان لاءِ ڪو مناسب طريقو نه هو، ان ۾ 90 سيڪڙو ڌانڌلي جو خدشو هو، اسان جي تجويز هئي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي مناسب نمائندگي ڏني وڃي، نيب جي نظر ۾ ظاهري طور هر پاڪستاني ڏوهي آهي، هي ادارو پنهنجي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڃا تائين ڪرپشن خلاف ڪم ڪري رهيو آهي پر ڪو به نتيجو سامهون نه آيو آهي. ڪرپشن ۾ صرف سياستدانن جو نالو اچي ٿو. هن چيو ته پارٽي ڪارڪن ٻوڏ متاثر ماڻهن جي خدمت لاءِ اڳتي وڌن، حڪومتن جو انتظار نه ڪن. هن چيو ته سلمان رشدي سان جيڪي ڪجهه ٿيو اهو مسلم امت جو ردعمل آهي، رشدي خلاف سڀ کان پهرين 1988ع ۾ اسان آواز اٿاريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button