سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ برسات جون تباهيون رڪجي نه سگهيون آهن، مختلف واقعن ۽ حادثن دوران گهرن ۽ مسجد جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ جي نتيجي ۾ معصوم ٻارڙن سميت 59 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته وڏي انگ ۾ متاثر زخمي پڻ ٿيا آهن، جاني نقصان ۾ مالوندن جا ڍور ڍڳا پڻ شامل آهن. تفصيل مطابق خيرپور ضلعي ۾ پيرڳوٺ، احمدپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ مسلسل وسڪاري تباهي مچائي ڇڏي، مختلف واقعن ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڳوٺ وڏا پنهيار ۾ ڳوٺاڻن گهر ڊهي پٽ پوڻ ڪري مسجد ۾ پناهه ورتي ته مسجد جي ڇت به ڌماڪي سان ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا چاڪر پٽ نيباهه، سندس ڀا ڪاشف پنهيار، اختيار علي، مينهل ۽ شفيق پنهيار دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته عمرا پنهيار، آصف، عجيب، مجيب، علي گل ۽ ذوالفقار سميت 40 کان وڌيڪ ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا آهن، جن کي پيرڳوٺ، خيرپور، گمبٽ ۽ لاڙڪاڻي جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. پيرڳوٺ ڀرسان ڳوٺ گهنيا ۾ پورهيت نثار ابڙو جو گهر ڌماڪي سان ڪري پيو جنهن جي نتيجي ۾ سندس 7 ورهين جو معصوم پٽ ساحل ابڙو موقعي تي فوت ٿي ويو. پريالو شهر ۾ گهر ڊهڻ ڪري عزيزان سومرو ۽ سيد وريل شاهھ فوت ٿي ويا. مسلسل وسڪاري جي نتيجي ۾ پيرڳوٺ، پريالو، احمدپور، ڳاڙهي موري، وڏا مهيسر ۽ ٻين علائقن ۾ سوين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ هر طرف تباهي جا منظر نظر اچي رهيا آهن. پيرڳوٺ جي ڪچي آبادي مڪمل طور برباد ٿي وئي آهي، رهواسي صرف جانيون بچائي روڊن تي نڪتا آهن. جڏهن ته برسات متاثرن مختلف هنڌن تي اسڪولن اندر رليف ڪئمپن ۾ پناهه ورتي آهي. گمبٽ ڀرسان فيض آباد ڪالوني ۾ گھر ڪرڻ سبب 12 سال جو نينگر اجمل کھڙو دٻجي فوت ٿي ويو. سندس ڀا محمد بخش کھڙو سخت زخمي ٿي پيو ۽ سندن 9 ٻڪريون پڻ دٻجي مري ويون. قمبر ۾ گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب بروھي پاڙي ۾ مختيار شيخ فوت ٿي ويو، ڪوٽ غلام شاهه ۾ سردار خاتون زال لعل بخش ڪلهوڙو ڇت ڪرڻ سبب فوت ٿي وئي، جڏهن ته ڳوٺ حاصلا ۾ گهر جي ڇت ڊهڻ سبب سڌير حاصلو ٿڏي تي دم ڏنو، سندس گهرواري مردان خاتون ۽ ننڍڙي اسرا زخمي ٿي پئي. ڳوٺ ڦال ۾ ڇت ڪرڻ سبب زبيده مگسي پنهنجي ٻن ٻارڙن سميت فوت ٿي وئي، وارهه ويجهو ٿرڙي حاجران ۾ گهر جي ڇت ڊهڻ سبب 13 ورهين نياڻي ڪبرا ڌي محمد عرس ملبي هيٺان دٻجي فوت ٿي وئي. ڳڙھي ياسين ۾ برسات سبب گھرن جون ڇتيون ڊهڻ جي واقعن ۾ ٻن معصوم ٻارن سميت 4 ڄڻا پنھنجون زندگيون وڃائي ويٺا. ڳوٺ لنڊي انڙ ۾ مسلسل ھلندڙ برسات سبب علي محمد انڙ جي گھر جي ڇت ڪري پئي، جنھن جي نتيجي ۾ گھر ڌڻي علي محمد انڙ فوت ٿي ويو، جڏھن ته 6 گھرڀاتين جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آھن. هوڏانهن جيڪب آباد ضلعي ۾ گهرن جون ڇتيون ڊهڻ سبب چئن ٻارڙن سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 600 گهر ڊهي پيا آهن. جونگل جي ڳوٺ بخش پهوڙ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب عبدالشڪور جا 3 ٻارڙا 8 ورهين جو عطا الرحمان، 3 ورهين جو راشد علي پهوڙ ۽ 10 ورهين جي شريفان پهوڙ ٿڏي تي فوت ٿي ويا. ڳوٺ محبوب علي سميجو ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب عبدالسلام سميجو جي 3 ورهين جي معصوم نياڻي دٻجي وفات ڪري وئي، ميرپور ٻرڙو ۾ غلام نبي ٻرڙو جي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ٻن ورهين جي مهوش دٻجي فوت ٿي وئي. ڳڙهي خيرو ۾ ديدار شهلياڻي جي گهر جي ديوار ڪرڻ سبب زال ۽ مڙس فوت ٿي ويا. چڪ ۾ گهرن جون ڇتيون ڪرڻ جي واقعن 7 ٻارڙن سميت 9 ڄڻن جون حياتيون کسي ورتيون ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. چڪ شهر ۾ نزاڪت سيٺار جي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب سندس گهرواري بختاور ۽ ٻارڙا وارث علي سيٺار، عباس علي، فاطمه ۽ سڪينا سيٺار دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته نزاڪت سيٺار سخت زخمي ٿي پيو. ڳوٺ خدا بخش ڊونگائي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب سيپڪو ملازم خدا بخش ڊونگائي دٻجي فوت ٿي ويو. ڳوٺ قالو خان قادراڻي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ممتاز جي گهرواري سميت 5 ٻارڙا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ بخشڻ خان پهوڙ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب مولوي عبدالرئوف پهوڙ جا 3 ٻار فوت ٿي ويا، فوتين ۾ ابرار ،اسرار ۽ ٻيا شامل آهن. سجاول جوڻيجو ڀرسان حيدر چانڊيو شھر ۾ گهر ڪرڻ سبب پيرسن خان محمد چانڊيو فوت ٿي ويو، جڏهن ته 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. ميان صاحب ويجهو ڳوٺ دوست واهه ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 6 ورهين جي نسيمان ڌي نصيب الله ميربحر دم ڏئي ڇڏيو، سندس ناني محمد پڃل ميربحر سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿيا، جڏهن ته 10 کان وڌيڪ ڪچا گهر ڊهڻ سبب چار مينهون ۽ 5 ٻڪريون دٻجي مري ويون. ڳيريلي جي ڳوٺ غلام محمد بليدي ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب امام زادي بليدي فوت ٿي وئي. ٻئي طرف لاڙڪاڻي جي ريلوي گودام ۾ پناهه ورتل برسات سٽيلن مٿان گودام جي ڇت ڪري پئي نتيجي ۾ هڪ پيرسن شخص، عورت ۽ هڪ نينگري دٻجي فوت ٿي ويا، شهر ويجهو ڳوٺ وڪيا سانگي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 سالن جي نينگري تمنا بيبي ڌيءَ غلام مصطفيٰ ميرالي ٿڏي تي فوت ٿي وئي جڏهن ته فوتي جي ما شمشاد خاتون، ٻن سالن جي ڀيڻ طيبا، حوا خاتون ۽ فيض محمد سخت زخمي ٿي پيا. نئون ديرو ٿاڻي سامھون گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 28 ورهين جو نوجوان سائيڪلن جو مستري منير احمد پٽ غلام محمد ڪنڀر فوت ٿي ويو. جڏهن ته خانواهه ۾ معصوم ٻارڙو اختر جروار فوت ٿيو آهي. ميهڙ تعلقي ۾ گهرن جون ڇتيون ڪرڻ جي ٻن ڌار ڌار افسوسناڪ واقعن ۾ 4 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا. ڳوٺ ٻٽ سرائي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ما ۽ ڌي سيمت 3 ڄڻن ملبي هيٺان دٻجي دم ڏنو. فوتين ۾ ريحانا بروهي، سندس ڌي عروسا ۽ 18 سالن جي نوجوان ڇوڪري سنڌو بروهي شامل آھن. ٿرڙي محبت ڀرسان 10 گهرن جون ڪچيون ڇتيون ڊهي پٽ پئجي ويون، جنهن سبب فرحانه زال ماجد چنجڻي ۽ 25 ورهين جو نوجوان مختيار ڪانڌڙو دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته زاهد چنجڻي، ماجد، عابد ۽ ارباب چنجڻي سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. واضح رهي ته مسلسل برسات سبب ميهڙ تعلقي ۾ سوين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ سوين خاندان بي گهر بڻيل آهن. هوڏانهن روھڙي شھر ۾ ڪنڌرا با پاس تي اقبال ٻرڙو جي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب نياڻي مديحا عرف متيرا، 8 سال جو عالم عمر، 16 سالن جو علي معاويا ۽ فيض محمد ملبي هيٺان اچي ويا، جن کي پوليس ملبي هيٺان ڪڍي اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽر موجود نه ھئڻ سبب سکر سول اسپتال نيو ويو، ان دوران 3 معصوم ڀائرن دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته نينگري اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. ڪنڌرا شھر ويجهو گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 70 ورهين جي عورت مائي زرينا دٻجي فوت ٿي وئي. پير وسڻ ڀرسان ڳوٺ پڃل شر ۾ گھر جي ڇِت ڪرڻ سبب 60 سال جي ڇٽڻ خاتون زال الھوڌايو شر فوت ٿي وئي. نوابشاهه جي گلشن بھار ڪالوني ۾ 6 سال جو معصوم ٻار علي جان پٽ رفيق کوسو گھر آڏو بيٺل برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. فوتي نينگر جي والد رفيق کوسو چيو ته پٽ جي قتل جا ذميوار سي ايم او نوابشاهه ۽ ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظير آباد آھن. انھن جي نااھلي سبب ڪالوني مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close