پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي ۾ واهر نه ٿيڻ خلاف متاثرن جو ڌرڻو

عثمان شاھه ھڙي:عثمان شاهھ ھڙي ويجهو يوسي هنگوراڻي جي ڳوٺ لونگ دلپوٽا ۽ ڀرپاسي جي برسات متاثرن پي ٽي آئي اڳواڻ غلام مصطى ميرجت، بشير دلپوٽو، گلزار مگسي ۽ آصف دلپوٽو جي اڳواڻي ۾ واھر نه ٿيڻ خلاف ٽنڊوآدم-ميرپورخاص مين روڊ تي احتجاجي مظاهر ڪري ڌرڻو هنيو ۽ ضلعي انتظاميا ٽنڊوالهيار ۽ چونڊيل نمائندن خلاف نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته برساتن گهر تباهه ڪري ڇڏيا آهن، مٿان وري سنڌ سرڪار ۽ ضلعي انتظاميا جي نااهلي اسان کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، اسان گهر ڇڏي ٻارن سميت روڊن تي دربدر آهيون، پر چونڊيل نمائندا ۽ ضلعي انتظاميا مدد نٿي ڪري، جنهن سبب تڪليفن ۾ آهيون. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته راشن، خيما ۽ ٻيون سهولتون ڏئي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button