پاڪستانسنڌ

نواز ڏاهري ۽ ڀرپاسي وڌيڪ 80 گهر ڊهي پيا، انتظاميا گم

سرھاڙي: نواز ڏاھري ۽ يوسي مرزا فرخ بيگ ۾ مسلسل برسات پوڻ سبب متاثر آزار ۾ اچي ويا. وڌيڪ 80 گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا جي نااهلي سبب ڪيترائي خاندان دربدر واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هن وقت تائين ڪيترائي ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ هجڻ باوجود انتظاميا نيڪال لا ڪي به قدم نه کنيا. شھر جا مک روڊ رستا گھٽيون تلاءُ جو ڏيک ڏيڻ لڳيون، گھرن ۽ دڪانن اندر برسات جو پاڻي ڪاھي پيو. نواز ڏاھري توڙي آسپاس جي مختلف ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ڪيترائي ڪچا گهر ڪري پيا. ڳوٺن ۾ برساتي ٻوڏ غريبن جا اھنج وڌي ويا. نواز ڏاھري ريلوي اسٽيشن، يوسي مرزا فرخ بيگ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي ھزارين ايڪڙ زمين ٻڏي تباهھ ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button