اسلام آباد/دوها (بيورو رپورٽ/م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف بجلي بلن تان فيول ايڊجسٽمنٽ چارجز (ايف سي اي) ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
وزيراعظم چيو آهي ته هڪ ڪروڙ 71 لک واهپيدارن کي بجلي جي بلن جي مد ۾ واڌو فيول ايڊجسٽمنٽ چارجز نه ڏيڻي پوندي. ان رليف جا تفصيل اڄ سامهون آندا ويندا. وزيراعظم چيو ته ٽيوب ويل وارا زرعي واهپيدار پڻ فيول ايڊجسٽمنٽ کان آجا هوندا. خرم دستگير اڄ پريس ڪانفرنس ۾ ايف اي سي جو طريقيڪار ٻڌائيندو. وزيراعظم چيو ته اسان آءِ ايم ايف جي مشاورت سان 1 ڪروڙ 71 لک صارفين تي فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز ختم ڪري ڇڏيا آهن، باقي جن جي آمدني سٺي آهي انهن کي في الحال FAC ڏيڻو پوندو، ان جو جائزو وٺي رهيا آهيون، ٿي سگهي ٿو ته مستقبل ۾ ڪو رستو نڪري. قطر جي گادي واري شهر دوحا ۾ وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ۽ نويد قمر سان گڏ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته واپارين تان فڪسڊ ٽئڪس ختم ڪيو ويو آهي جنهن بعد 42 ارب رپين جو گيپ ايندو جنهن کي ٻين ذريعن سان پورو ڪنداسين. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اڳوڻي حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي سان ملڪ ڏيوالي تائين رسي چڪو هو. اتحادي حڪومت جي ڪوشش سان ملڪ جي ڏيوالي ٿيڻ جو خطرو ٽري ويو آهي. مهانگائي گهٽائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته واپارين تي فڪسڊ ٽئڪس اسان جي مرضي خلاف لڳايو ويو. فڪسڊ ٽئڪس لڳائڻ تي ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا ذميواري جو تعين ڪندي. وزيراعظم چيو ته تيل مهانگي اگهن تي گهرايون ٿا ته ايندڙ مهيني بلن ۾ ايڊجسٽمنٽ ڪيو ويندو آهي. جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهيني ۾ فيول ايڊجسٽمنٽ ۾ گهڻي واڌ ٿي، ان معاملي تي اسان چئن پنجن ڏينهن کان ڪم ڪري رهيا هئاسين. هڪ ڪروڙ 71 لک واهپيدارن کي هاڻ فيول ايڊجسٽمنٽ چارجز ادا نه ڪرڻا پوندا. شهباز شريف چيو ته هڪ ڪروڙ 30 لک سرندي وارن واهپيدارن تي فيول ايڊجسٽمنٽ جو جائزو وٺي رهيا آهيون. مضبوطي ۽ همت سان اڳتي وڌڻو پوندو، سچي نيت سان محنت ڪنداسين. منهنجي دل شاهدي ڏئي رهي آهي سٺا ڏينهن ايندا، ماضي ۾ روئڻ رڻ مان ڪجهه نه ورندو. اسان جي ڪوشش آهي ته مهانگائي جي جن کي گڏجي بوتل ۾ واپس وجهون. هن چيو ته مان توهان سان ٻن معاملن تي ڳالهائڻ چاهيان ٿو، واپارين تي فڪس ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو، جنهن سبب ننڍا واپاري به متاثر ٿيا ۽ ڏکيائين جو شڪار ٿيا، ان ڪري سرڪار هڪ ڪميٽي قائم ڪئي آهي جيڪا ذميوار ڌرين جو تعين ڪندي پر ان ۾ ڪجهه وقت لڳندو پو ٽيڪس ختم ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته واپارين کان 3 کان 10 هزار تائين مقرر ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، 42 ارب رپين جو نقصان ٻين روينيو مان پورو ٿيندو. هن چيو ته حڪومت ننڍن واپارين کي تڪليف ۾ نٿي وجهي سگهي، ايف بي آر جي روينيو ۽ هدف حاصل ڪرڻ لاءِ 3 هزار ٽيڪس لڳائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.