اسلام آبادپاڪستان

بلوچستان ۽ سنڌ ۾ قيامت صغريٰ جو منظر آهي،متاثرن جي مدد ڪريو:وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهبازشريف ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ اپيل ڪندي چيو ته ملڪ ۾ برساتن جو 30 سالن جو رڪارڊ ٽٽڻ سان خاص طور تي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ تباهي ۽ بربادي سان قيامت صغريٰ جو منظر آهي. صوبائي حڪومتن، وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۽ هٿياربند فوج جي ڀرپور تعاون سان اسان سڀ گڏجي ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون. مجموعي طور تي 37 ڏهائي 2 ارب رپيا ٻوڏ متاثرن لا مهيا ڪيا پيا وڃن. کربين رپين جي نقصان کي پورو ڪرڻ ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ کربين رپين جي ضرورت آهي. جاري ڪيل بيان مطابق سوين پاڪستاني ٻوڏ جي بي رحم لهرن جي ور چڙهي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن. سوين زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪريون ٿا. وڏي انگ ۾ ماڻهو بي گهر آهن، مال فصل باغ ۽ ملڪيتن کي وڏو نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته مون بنا دير 5 ارب رپيا اين ڊي ايم اي کي جاري ڪرايا آهن ته جيئن ريسڪيو، رليف ۽ بحالي وارن قدمن ۾ تيزي اچي هر فوتي فرد جي خاندان کي 10 لک، زخمين، گهرن جي ڪرڻ ۽ ٻين نقصانن تي زر تلافي کان علاوه متاثرن کي 25 هزار رپيا روڪ ڏنا پيا وڃن جنهن لاءِ 80 ارب رپين کان وڌيڪ گهرجن. کربين رپين جي نقصان کي پورو ڪرڻ ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ کربين رپين جي ضرورت آهي. مان اوهان کي تعاون جي درخواست ڪيان ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڻ سڳورن صه کان وڌيڪ اسان لاءِ ڪو مثال نٿو ٿي سگهي، جن جي محبت ۾ انصار مصيبت ماريل ڀائرن جي ڏکن سورن ۾ ساٿ ڏنو. ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ قائم فنڊ ۾ دل کولي عطيو جمع ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button