اسلام آباد: پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي ڊيم فنڊ معاملي تي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کي طلب ڪري ورتو. پي اي سي جو اجلاس چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبر برجيس طاهر چيو ته ڊيم فنڊ بابت اشتهارن تي 14 ارب خرچ ٿيا. جڏهن ته 9 ارب گڏ ٿيا. ٻڌايو وڃي ته ڊيم فنڊ ڊيمز تي استعمال ڇو نه پيا ٿين؟ هن چيو ته اسان ججن کي ڌمڪيون ته نه پيا ڏيون، ڪميٽي ميمبر مشاهد حسين چيو ته ڊيم فنڊ بابت انڪوائري ٿيڻ گهرجي. پي اي سي چيئرمين نور عالم خان چيو ته اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار تڪراري آهي، اهو به ڊيم فنڊ تي جوابده آهي. چيف جسٽس پاڪستان ڊيم فنڊ معاملي تي غير آئيني اسٽي آرڊر ڏسي. پي اي سي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي ڊيم فنڊ تي بريفنگ لاءِ طلب ڪندي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کي به سڏائي ورتو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close