اسلام آباد :پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻن تي ڊسڪا اليڪشن جي نتيجن تي اثرانداز ٿيڻ، پريزائڊنگ آفيسرن ۾ ٽي لک رُپيا ورهائڻ جي الزام ۾ اليڪشن ڪميشن عثمان ڊار، فردوس عاشق اعواڻ ۽ عمر ڊار کي 30 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو. الڪيشن ڪميشن انڪوائري ڪميٽي اڳيان پنهنجي دفاع يا موقف لاءِ پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته 17 فيبروري 2021ع تي توهان ڊي پي او جي آفيس ۾ موجود هئا، الزام آهي ته توهان نتيجن تي اثرانداز ٿيڻ جي سازش ڪئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close