اسلام آبادپاڪستان

عمران خان جي نااهلي لاءِ داخل 6 ايم اين ايز جي درخواست رد

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان جي نااهلي لاءِ 6 قومي اسيمبلي ميمبرن جي درخواست کي خارج ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 4 رڪني بئنچ 6 قومي اسيمبلي ميمبرن پاران عمران خان جي نااهلي لاءِ داخل درخواست تي شنوائي ڪئي. ان ڏس ۾ عمران خان جو وڪيل بئريسٽر گوهر اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو. عمران خان جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته قومي اسيمبلي اسپيڪر جو ريفرنس پهريان ئي اليڪشن ڪميشن ۾ شنوائي هيٺ آهي، تنهنڪري 6 ايم اين ايز پاران توشا خانا ڪيس تي درخواست بي اثر ٿي چڪي آهي. عمران خان جي وڪيل ٻڌايو ته توشا خانا ڪيس ۾ قومي اسيمبلي اسپيڪر جي ريفرنس تي شنوائي 29 آگسٽ تي مقرر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button