اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 2 مريض فوت،118 جي حالت ڳڻتي جوڳي

اسلام آباد : گذريل 24 ڪلاڪن اندر ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا. فوتين جو ڪل انگ 30 هزار 559 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن اندر ڪرونا ڪيسن جي شرح 1 ڏهائي 76 سيڪڙو رڪارڊ ٿي آهي. پاڪستان ۾وڌيڪ 278 ماڻهن ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. جڏهن ته علاج هيٺ مريضن مان 118 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 30 هزار 559 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ڪرونا وائرس جي ڪل مريضن جو انگ 15 لک 67 هزار 147 ٿي چڪو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 15 هزار 803 ٽيسٽون ڪيون ويون. جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 2 هزار 360 ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button