عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ برساتن جو سلسلو ٻيھر شروع ٿي ويو، جنهن سبب ڪيترائي گھر ڊھي پٽ ٿي ويا، جنهن بعد سوين ماڻھو ٻارن ٻچن سميت پاڪستان چوڪ پهچي پناهه ورتي. مين بس اسٽاپ تي 30 ڏينهن کان گپ ۽ گندگي جا ڍير لڳا پيا آھن، ڊي سي آفيس، سب جيل، مختيارڪار آفيس ۽ ٻيون سرڪاري آفيسون برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آھن، شھري ڪاروبار گند ڪچري جي ڪري بند آھي، بس اسٽاپ تي ھوٽلون ۽ دڪان سڀ بند آھن. ٻوڏ متاثرن “سنڌ ايڪسپريس” سان ڳالھائيندي چيو ته اسان هتي ڪيترن ئي ڏينھن کان ويٺل آھيون، ڊپٽي ڪمشنر طاھر علي ميمڻ، چونڊيل نمائندن، فوڪل پرسن سردار شاھه ۽ ايم پي اي امير علي شاهھ سار ناهي لڌي، اهي گهر مان ئي نٿا نڪرن، رڳو پنهنجي هارين سان تصويرون ڪڍرائي شيئر ڪن پيا، باقي اصل متاثر دربدر آهن. هوڏانهن سوين ٻوڏ متاثرن احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته اسان سول اسپتال علاج لاءِ وياسين، پر هڪ به ڊاڪٽر موجود نه هو، جنهن بعد ڊي ايڇ ڪيو اسپتال وياسين، اتي به ڊاڪٽر ۽ ملازم نه هئا، هاڻ علاج ڪرائڻ لا به پريشان آهيون. چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن گهڻو ظلم ڪيو آهي، راشن، خيما ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت ڪابه امداد ناهي ڏني وئي. برساتي پاڻي ۽ مڇرن سبب ٻار بيمار ٿي پيا آهن، پر ڪٿان علاج ڪرايون. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي امداد ڏئي ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي مدد ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close