حيدرآباد: آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ يونين سٽيزن سب ڊويزن حيسڪو قاسم آباد جي چونڊ ٿي، جنهن ۾ اشرف بلوچ چيئرمين، غلام مصطفى ڪليري وائيس چيئرمين، محمد حيات چانڊيو جنرل سيڪريٽري ۽ احمد علي ابڙو جوائنٽ سيڪريٽري چونڊجي ويا. ان موقعي تي اشرف بلوچ ڳالهائيندي چيو ته حيسڪو ملازمن جي مسئلن جي حل لا ڏينهن رات ڪوششون ڪيون وينديون، جن دوستن ڪامياب ڪيو، انهن جي اعتماد تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪنداسين. نئين چونڊيل وائيس چيئرمين غلام مصطفى ڪليري چيو ته سٽيزن سب ڊويزن هڪ گهر جيان آهي، اسان سمورا ملازم هڪ ڀاتي جيان آهيون. برساتن ۽ ٻوڏ جهڙي صورتحال باوجود سٽيزن سب ڊويزن ۾ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي، اها محنت حيسڪو ملازمن جي آهي، سندن ڏينهن رات ڪوششن سبب شهرين کي بجلي جي فراهمي بنا رڪاوٽ جي ملي پئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close