پاڪستانسنڌ

جهنڊو مري ۾ برسات سبب متاثر آزار ۾ اچي ويا، امداد به نه ملي

عثمان شاھه ھڙي: ضلعي ٽنڊوالهيار جي تعلقي جهنڊو مري ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي. تعلقي جي 10 يوسيز ميرآباد، جهنڊو مري، هنگوراڻي، ڊاسوڙي، عثمان شاھه ھڙي، ٽنڊو سومرو، ميل موري، سلطان آباد اسٽيشن ۽ مسڻ جي سمورن علائقن ۾ تيز وسڪارو پيو، جنهن بعد هر طرف پاڻي درياهه جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. سمورا ماڻھو پنهنجا برساتي پاڻي ۾ ٻڏل ڳوٺ ۽ گهر ڇڏي روڊ رستن تي پناهه وٺي ويٺل آهن، جيڪي مسلسل مينهن وسڻ سبب آزار ۾ اچي ويا آهن. ضلعي حڪومت ٽنڊوالهيار ۽ چونڊيل نمائندن جي آسري تي بکيل پيٽ ويٺل متاثرن کي خيما، پيئڻ لا پاڻي ۽ راشن نه ڏنو ويو. برساتي پاڻي ۽ مڇرن جي آزار سبب ڪيترائي ٻار ۽ عورتون بيمار ٿي پيون، پر صحت کاتي جي اختيارين متاثرن جي علاج لا ڊاڪٽرن جون ٽيمون نه موڪليون. ان سلسلي ۾ برسات متاثرن ٻڌايو ته رات جي وقت کنوڻ ۽ گجگوڙ ۾ رات جاڳي اذانون ڏئي گذاري آهي، اسان روڊ تي اچي ويا آهيون، پر ڪامورن ۽ چونڊيل نمائندن امداد ناهي ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button