اسلام آبادبلوچستانپاڪستانسنڌ

سنڌ ۽ بلوچستان مصيبت ۾ آهن،دل کولي عطيو جمع ڪرايو:وفاقي حڪومت

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعطم فلڊ رليف اڪائونٽ 2022 ۾ عطيو جمع ڪرائڻ جو تفصيل جاري ڪري ڇڏيو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سمورين ڪمرشل بئنڪن جي ذريعي عطيو جمع ڪرڻ جو سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر پاڪستاني عطيو هن اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا. برساتن جو 30 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، ملڪ ۾ خاص ڪري بلوچستان ۽ سنڌ ۾ وڏي تباهي ٿي آهي. اچو اسان سڀ گڏجي مصيبت ۾ ڦاٿل پنهنجي وطن واسين جي مدد ڪريون. اسان سڀ سهارو بڻجون، ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر رهندڙ سمورن پاڪستانين کي دل کولي عطيو جمع ڪرائڻ جي اپيل آهي. هي عطيا اڪائونٽ (Prime Minister Relief Fund Account 2022 Account No. G-12164) ۾ جمع ڪرائي سگهجن ٿا. عطين جي ذريعي سمورا پاڪستاني ٻوڏ متاثرن جي مدد جي ڪم ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي سرڪلر تحت سموريون ڪمرشل بئنڪون ۽ انهن جون شاخون وزيراعظم فلڊ رليف فنڊ 2022 ۾ عطيو جمع ڪري سگهن ٿيون. ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني وائر ٽرانسفر، مني سروس بيوروز، مني ٽرانسفر آپريٽرز ۽ ايڪسچينج هائوسز جي ذريعي به عطيو اماڻي سگهن ٿا. عطيو سمورين ڪمرشل بئنڪن ۾ روڪ به جمع ڪرائي سگهجن ٿا. بئنڪن جي ڊراپ باڪس ۾ ڪراس چين، موبائيل ۽ انترنيٽ بئنڪن، اي ٽي ايمز، اي ٽي ايف ٽي، جمع ڪرائي سگهجن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button