پاڪستان

لاهور هائيڪورٽ بجلي بل ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ ٽيڪس نه لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ بجلي واهپيدارن کي بلن ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ ٽئڪس ختم ڪري رهيل بل جمع ڪرائڻ جو حڪم جاري وڏو رليف ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت وفاقي حڪومت، ايف بي آر، لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ( ليسڪو ) سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 14 سيپٽمبر تي جواب طلب ڪري ورتو ۽ ڪيس بابت سموريون درخواستون گڏائي مقرر ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي. لاهور ها ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت بجلي بلن ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ جي منظوري ڏني جنهن سان بجلي جي اگهن ۾ واڌ ٿي ۽ واهپيدارن ڏانهن ڳرا بل اچي رهيا آهن، بجلي جي بلن ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ قانوني گهرجن پٽاندڙ ناهي، تنهن ڪري عدالت بجلي جي بلن ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ کي غيرقانوني ۽ ڪالعدم قرار ڏئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button