پاڪستان

اليڪشن ڪميشن ڪراچي ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون وري ملتوي ڪري ڇڏيون

اليڪشن ڪميشن برساتن سبب حيدرآباد ڊويزن کانپو ڪراچي ڊويزن ۾ به 28 آگسٽ تي رٿيل مڪاني چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن. اليڪشن ڪميشن آفيس اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ ڪراچي جي مڪاني چونڊن بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي گادي واري شهر ۾ موسم جي صورتحال ۽ مڪاني چونڊن جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو. چيف اليڪشن ڪمشنر ڪراچي ۾ 28 آگسٽ کي مڪاني چونڊن جي حوالي سان رپورٽ طلب ڪئي ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي 6 اهم ادارن کان فوري طور رپورٽ وٺڻ جي هدايت ڪئي. ٻئي طرف چيف اليڪشن ڪمشنر طرفان گهرو سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري، آءِ جي ۽ ڊي جي رينجرز کان پڻ رپورٽ طلب ڪئي وئي، ان کان علاوه صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ موسميات کاتي کان رپورٽ گهري وئي، جنهن ۾ شهر اندر موسم جي صورتحال بابت آگاهي ڏني وئي آهي. ذريعن مطابق اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪيو ويو ته پاڪ فوج، رينجرز، پوليس اهلڪار ۽ ٻيا ادارا سنڌ جي ٻهراڙين ۾ امدادي ڪمن ۾ مصروف آهن. ذريعن موجب صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ اهم ادارن جي رپورٽن جي بنياد تي ڪراچي ڊويزن ۾ 28 آگسٽ تي رٿيل مڪاني چونڊون ملتوي ڪيون ويون. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ڊويزن ۾ مڪاني چونڊن جي نئين تاريخ جو اعلان موسم جي صورتحال بهتر ٿيڻ بعد ڪيو ويندو، هن وقت 27 ۽ 28 آگسٽ تي به ڪراچي ۾ برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري وسڪارو مڪاني چونڊن تي به اثرانداز ٿي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button