پاڪستان

عمران خان جي لائيو ڪوريج تي بندش سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي لائيو ڪوريج تي پابندي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وفاقي وزير علي حيدر زيدي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. آئيني درخواست عمر سومرو ايڊووڪيٽ جي مدد سان داخل ڪئي وئي. جنهن ۾ چيو ويو ته پيمرا جو 20 آگسٽ تي نوٽيفڪيشن قانون جي ابتڙ آهي، لائيو ڪوريج روڪڻ راءِ جي اظهار جي آزادي تي پابندي برابر آهي، 20 آگسٽ واري پيمرا نوٽيفڪيشن کي غيرقانوني قرار ڏئي آئيني درخواست جي فيصلي تائين ان کي معطل ڪيو وڃي. درخواست ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزارت، چيئرمين پيمرا ۽ پي بي اي کي ڌر بڻايو ويو آهي، عمر سومرو ايڊووڪيٽ عدالت کي چيو ته مان ڪجهه حقيقتون ٻڌائڻ چاهيان ٿو، جنهن تي عدالت پڇا ڪئي ته درخواستگذار ڪير آهي، عمر سومري جواب ڏنو ته تحريڪ انصاف سنڌ جو اڳواڻ علي زيدي درخواستگذار آهي، جنهن تي عدالت جي جج چيو ته جنهن تي پابندي لاڳو آهي اهو پاڻ درخواستگذار ڇو نه ٿيو آهي، جسٽس محمد جنيد غفار چيو ته پيمرا جو فيصلو پارٽي نه پر هڪ شخص جي خلاف آهي، پارٽي ڪيئن ڌر بڻجي سگهي ٿي پارٽي جو ته ڪو ڪيس ئي نه آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست شنوائي جوڳي هجڻ تي دليل گهرندي چيو ته پهريان مطمئن ڪيو وڃي ته درخواست ڪيئن شنوائي جوڳي آهي. جسٽس محمد جنيد غفار رمارڪس ڏنا ته پابندي فرد واحد تي لڳائي وئي، فرد واحد جي پابندي تي پارٽي ڪيئن ڌر بڻجي سگهي ٿي. سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست جي شنوائي 26 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button