سنڌ

سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ ماڻهو بي گهر، اهڙي تباهي ناهي ڏٺي:وڏو وزير

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هينئر سڄي سنڌ دريا جو ڏيک ڏئي رهي آهي، ماضي ۾ ڪڏهن به برسات يا ٻوڏ جِي اهڙي تباهي ناهي ڏٺي، هي سرندي وارن لا اڳتي وڌڻ ۽ هڪٻئي جي مدد ڪرڻ جو وقت آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته صوبي ۾ هن ڀيري معمول کان 350 سيڪڙو کان وڌيڪ برساتون پيون آهن، سڄي سنڌ ۾ برساتن سبب 15 لک ڪچا گهر ڊهي پيا آهن، هڪ ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، 300 ڄڻا فوت ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. هن ٻڌايو ته سڄي سنڌ اندر 20 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل مڪمل طور تباهه ٿي ويا، 84 هزار خيمن وارو سرڪاري ذخيرو به ختم ٿي ويو، بي گهر ماڻهن لاءِ اڃا 10 لک خيمن جي ضرورت آهي. مراد علي شاهه چيو ته سمورن متاثرن کي تيار ٿيل کاڌو ڏيڻ چاهيون ٿا پر گئس ۽ ڪاٺيون نه آهن، ڪاٺيون وسڪارن ۽ ٻوڏ جي پاڻي سبب آليون ٿي ويون آهن. هن چيو ته سکر بئراج وٽان 6 لک ڪيوسڪ ٻوڏ جو وهڪرو گذري رهيو آهي، جڏهن ته ڪچي جا ماڻهو به بندن تي اچي ويهي رهيا آهن. وڏي وزير سنڌ واسين کي اپيل ڪئي ته سڀئي هڪٻئي جِي مدد ڪن، سرنديءَ وارا به 2010ع واري مها ٻوڏ جهڙو ڪردار ادا ڪن، هينئر مها ٻوڏ کان به وڌيڪ خراب صورتحال آهي، مون صوبي جي لڳ ڀڳ سمورن ضلعن جو دورو ڪيو ۽ ڏٺو آهي ته ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پاڻي ڀريل آهي، ڄڻ ته درياهه جو منظر هجي، جيڪي ماڻهو امدادي ڪئمپن ۾ عارضي طور تي آباد آهن، اهي پنهنجا ويجها عزيز، چوپايو مال ۽ ٻيو سامان وڃائڻ بعد ڏک ۽ پريشاني جي حالت ۾ آهن. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته مون پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ امدادي ڪئمپن جو دورو ڪيو آهي جتي عورتن ۽ ٻارن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، اها ڏکوئيندڙ صورتحال اسان جي دل کي لڳي آهي، آصف علي زرداري به ان صورتحال جو نوٽيس وٺي رابطي ۾ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ چاهي ٿو پر خراب موسم سندس اچڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي رهي آهي، اسان سڀ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته متاثرن لاءِ خيما، مڇر دانيون، هنڌ بسترا، کاڌو پيتو، دوائون ۽ ٻين ضروري شين جو بندوبست ڪيو وڃي، اميد آهي ته ڪجهه ڏينهن اندر سڀ شيون دستياب ٿي وينديون، هينئر سرندي وارن، فلاحي تنظيمن ۽ ڊونر ادارن کي گهرجي ته اهي سنڌ جي صورتحال جو جائزو وٺن ۽ ڏکويل ماڻهن جي مدد ڪن. مراد علي شاهه ڪئمپن، رستن ۽ درياهه جي ڪنارن تي ويٺل متاثر ماڻهن کي چيو ته توهان اڪيلا ناهيو، توهان جي حڪومت توهان تائين پهچي رهي آهي، صوبي جو عوام به پنهنجي چوڌاري رهندڙ غريبن، برسات متاثرن ۽ لاچار ماڻهن جو خيال رکي جيستائين حڪومت انهن تائين پهچي، پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان لاءِ ته هر ڪو جيئندو آهي پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته شاهوڪار ماڻهو انهن لاءِ جيئن جن کي سخت ضرورت آهي. وڏي وزير اميد ظاهر ڪئي ته صورتحال کي سمجهندي ڪير به صوبي ۾ امن امان کي بگاڙڻ جي جرئت نه ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button