اسلام آبادپاڪستان

عالمي ادارن طرفان متاثرن لاءِ 50 ڪروڙ ڊالرامداد جو اعلان

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف جي اپيل تي عالمي تنظيمن ۽ مالي ادارن ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٻوڏ سٽيلن جي مدد لاءِ انٽرنيشنل پارٽنرز سان اقتصادي معاملن بابت ڊويزن ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ورلڊ بينڪ، ايشيائي ترقياتي بينڪ، عالمي مالياتي، عالمي ڊولپمينٽ، ڊونرز سوڌو چين، آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي.ان کانسواءِ گڏيل قومن جي مختلف ادارن ۽ صحت جي عالمي اداري جي نمائندن به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف انٽرنيشنل پارٽنرز کي سڄي ملڪ ۾ خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهين بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم هائوس پاران جاري پڌرائي موجب عالمي تنظيمن جي نمائندن وزيراعظم شهباز شريف جي ٻوڏ متاثرن جي فوري بحالي جي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف جي فلڊ رليف ڪيش پروگرام تحت 25 هزار في خاندان جي امداد لاءِ عالمي ادارن طرفان هن ئي هفتي امداد جي منتقلي يقيني بڻائي پئي وڃي. وزيراعظم شهباز شريف عالمي تنظيمن ۽ مالي ادارن پاران فوري امداد جي آجيان ڪئي. هن چيو ته عالمي ادارن ۽ تنظيمن ڏکيائين جو شڪار پاڪستانين جي مدد ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرن جي فوري ريسڪيو ۽ بحالي لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. حڪومت ڏکي معاشي صورتحال ۾ هجڻ باوجود فلڊ رليف ڪيش پروگرام شروع ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button