اسلام آبادپاڪستان

متاثر ماڻهن کي هر ممڪن رليف ڏنو پيو وڃي:خورشيد شاهه

اسلام آباد :پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ڏينهن رات ڪم جاري آهي. مشڪل ترين حالتن ۾ متاثر ماڻهن کي هر ممڪن رليف ڏنو پيو وڃي. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ٻوڏ سان مواصلاتي انفراسٽرڪچر بُريءَ طرح متاثر ٿيو آهي، جنهن جي بحاليءَ جي ڪم ۾ رڪاوٽن جو مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. سموري توجهه صرف ۽ صرف ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ تي آهي. هن چيو ته کان متاثرن کي جلد کان جلد بحاليءَ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ لاڳيتو رابطو آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ کان دُعا آهي ته هو بحاليءَ جي ڪمن ۾ مصروف سمورن ماڻهن جي مدد فرماءِ.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button